اسلام آباد – 05 – جن??ري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري، پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي ميمبرن جي مقرري، ماهيگيري جي شعبي ۾ ر??انگي واپار جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ انسپيڪشن ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان ايڪسپو سينٽرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين جي مقرري جي منظ??ري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مڇ بلوچستان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ مزدورن، اسلام آباد ۾ پوليس جي فائرنگ سبب مارجي ويل اسامه ستي ۽ فو?? جي شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي وئي، وزيراعظم جي صحت واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪابينا کي ڪورونا وبا ??ي تازي صورتحال تي بريفنگ ڏني، ڪابينا پاڪستان ايڪسپو سينٽرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين جي مقرري جي منظ??ري ڏني، ڪابينا ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013ع جي شق نمبر 21 تحت اپيلن تي فيصلو ڏيڻ لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظ??ري ڏني، اها ڪميٽي ان وقت تائين مجاز هوندي جيستائين لاڳاپيل قانون ۾ ترميم مڪمل ڪئي وڃي، ڪابينا پريس ڪائونسل آف پاڪستان جا ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظ??ري ڏني، ڪابينا ملڪ ۾ ماهيگيري جي شعبي ۾ ر??انگي واپار جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ انسپيڪشن ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به منظ??ري ڏني، اها ڪميٽي ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ فش پراسيسنگ پلانٽ جي انسپيڪشن جا فرض سرانجام ڏيندي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا