استنبول – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي ۽ ان جا ثمر معاشري جي هيٺين طبقي ت??ئي?? پهچائڻ اڻٽر آهن ته جيئن کين معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پائيدار ترقي (ايس ڊي پي آءِ) بابت پاليسي اداري جي اهتمام هيٺ منعقد 24 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي آن ل??ئي?? خطاب ڪندي ڪيو. ايس ڊي پي آءِ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم چيو ته مسلمانن ج?? پهرين رياست جيڪا صحيح معنيٰ ۾ هڪ فلاحي رياست هئي ۽ ان ۾ غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جو خيال رکيو ويندو هو، هن ??يو ته اها رياست ترقي جو بهترين نمونو پيش ڪندي آهي جنهن دنيا جي هڪ بهترين تهذيب جو بنياد رکيو. هن ??يو ته هر اها قوم جيڪا رياست مديني جي نموني جي تقليد ڪندي، ان کي عروج حاصل ٿيندو جنهن جو بهترين مثال چين آهي جنهن مختصر عرصي ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن ??ي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. اهو مقصد ڪمزور طبقن تي خرچ ڪرڻ ۽ شموليتي ترقي جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. هن ??يو ته ڪورونا وبا جي دوران اسان جي حڪومت تي مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي حوالي سان سخت دٻاءُ هو پر اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جو رستو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهن ??ي وبا کان بچائڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ??ي روزگار ۽ معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. هن ??يو ته آئون ايس ڊي پي آءِ جو ٿورائتو آهيان جنهن فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ قائم ڪري حڪومت کي روز مره جي استعمال جي شين جي دستيابي تي نظر رکڻ ۾ مدد ڏني.
حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر