اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بابا??ِ قوم قا??داعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو، قا??داعظم محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي ز??دگ?? گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. قا??داعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قا??داعظم محمد علي جناح وزيراعظم عمران خان جو رول ماڊل آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙو پاڪستان چاهي ٿو جتي معاشي ۽ ثقافتي قدر مضبوط ۽ عالمي دنيا ۾ ان جو مقام بلند تر هجي. هن چيو ته اسان کي فرقيواريت ۽ شدت پسندي جهڙن ملڪ دشمن عنصرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري هڪ متحد قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بابا??ِ قوم جي پيدائش جي ڏهاڙي تي اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين.
باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات