اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ هائوس هن وقت هارس ٽريڊنگ جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن قسم جي آئين کان مٿانهين خريد ۽ وڪري جون منڊيون لڳل آهن ان جي خلاف مضبوط ايڪشن کڻنداسين. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته سنڌ هائوس تمام گهڻو پئسو منتقل ڪرڻ جا اطلاع آهن، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي رکڻ لاءِ صوبي کان پوليس به گهرائي وئ?? آهي، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزير چيو ته هن وقت سنڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جو مرڪز بڻيل آهي ۽ اهڙي طرح جون سرگرميون آئين جي خلاف آهن، هن چيو ته اسان وڏي محنت سان ان طرح جي قدمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو هو پر بدقسمتي سان مخالف ڌر هارس ٽريڊنگ شروع ڪري رکي آهي، حڪوم?? ان جي خلاف مضبوط ايڪشن جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil