دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، قطر جا سيڙپڪار پاڪستان جي آزاداني ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي زراعت، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر منصور بن ابراهيم الحمود ۽ آفريقا ۽ ايشيا پيسفڪ ريجنز بابت چيف انويسٽمينٽ آفيسر شيخ فيصل ثاني الثاني تي ٻڌل قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي ??فد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي دنيا جي سڀ کان وڏي خودمختيار ويلٿ فنڊز مان هڪ آهي. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچڻ کان فوري پوءِ وزيرا??ظم جي اها پهرين مصروفيت هئي. ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ سينيئر عملدار وزيرا??ظم سان گڏ هئا. قطر جي امير جي دورانديش قيادت ۾ قطر جي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي ساراهيندي وزيرا??ظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ??اڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ روايتي سياسي لاڳاپن کي هڪ جامع اقصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيرا??ظم شمسي توانائي، هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ، هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن سميت خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم پاڪستان جي ??نفرد ۽ جاگرافيائي ۽ آبادياتي فائدن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ هڪ وڏي وچولي طبقي جي ??ارڪيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت سان پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان جي آزاداڻي ۽ ڪار??با?? دوست سيڙپڪاري جي پ??ليسين کي اجاگر ڪندي وزيرا??ظم قطري سيڙپڪارن کي پ??ڪستان ۾ توانائي، هوابازي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، ميري ٽائيم، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن قطري سيڙپڪارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي علائقائي رابطي ۽ گڏيل خوشحالي جي ??اءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان پيدا ٿيندڙ موقعن مان فائدو کڻن. وزيرا??ظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي کي شفاف ۽ تيزي سان معاملن کي اڪلائڻ جي حوالي سان مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي ??ڻ خاطري ڪرائي. لاڳاپيل وزارتن پاران پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، جهاز راني، هوابازي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي ??وقعن کي اجاگر ڪيو ويو. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??اءِ قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي دلچسپي کي ساراهيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفان نامزد نمائندا سيڙپڪاري جي ??اءِ اهم تجويزن تي عملدرآمد جي حوالي سان ويجهي رابطو برقرار رکندا. وزيرا??ظم منصور بن ابراهيم الحمود ۽ شيخ فيصل ثاني الثاني کي پ??ڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي ??فد پاڪستان کي پنهنجي ترجيح قرار ڏيندي پ??ڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا