اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيگال سان واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفادن جي لاءِ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي ??اڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيگال ۾ پاڪستان جي نامزد ??في?? صائمه سيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سينيگال کي اولهندي آفريقي خطي ۾ هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو جنهن سان ٻطرفي واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون وڃن. هن نامزد ??في?? تي زور ڏنو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وزارتي سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا جي انتظامن لاءِ ڪم ڪري. صدر ڪيترن ئي سالن کان ڊاڪار ۾ ٿيندڙ واپاري ميلن (ڊاڪار انٽرنيشنل ٽريڊ فيئر) ۾ پاڪستاني واپارين جي شرڪت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ??ڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي نمائشن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن نامزد ??في?? کي چيو ته هو ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن ??ان گڏجي وڌيڪ واپاري نمائشن جو اهتمام ڪري. صدر پاڪستان ۽ سينيگال جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته هن وقت 8000 غيرملڪي شاگرد ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي مختلف پروگرامن ۾ تعليم هيٺ آهن ۽ سينيگال جا شاگرد به ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر نامزد ??في?? کي اهو به چيو ته هو ڀارت جي اقليت مخالف ۽ مسلم دشم?? پاليسين سان گڏوگڏ 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف جاري دهشتگردي کي پڻ اجاگر ڪري.
سينيگال سان واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا