اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري 16 کان 20 فيبروري تائين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دوري تي ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي وزير سيڪيروٽي ڪانفرنس ۾ گول ميز مباحثن سميت ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو. ??ن چيو ته بلاول ڀٽ?? زرداري پنهنجي هم منصبن ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير جرمني جي دوري کانپوءِ لٿوانيا جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي ??رڪاري دوري تي لٿوانيا ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري 20 کان 21 فيبروي تائين ولنيئس ۾ پرڏيهي وگ??ر گيبرليس لينڊ سبرگس سان وسيع معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ لٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات ڪندو، ٻئي ڌريون ٻطرفي سياسي مشاورت قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندو. ترجمان چيو ته پنهنجي دوري جي آخري مرحلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري 21 کان 22 فيبروري تائين هنگري جو دورو ڪندو ۽ هنگري جي هم منصب پيٽر سيجارٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ??ور فڪر ڪندا ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير ٻطرفي تعاون بابت مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪندا جنهن ۾ هڪ سفارتي ??ڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون ۽ ٻيو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين ۽ تعليم بابت هوندو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کان 20 فيبروري تائين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا