اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀا??ت پاران 9 مارچ 2022ع تي براهموس سپر سونڪ م??زا??يل جي پاڪستاني سرزمين تي غيرذميواراڻي فائرنگ تي پنهنجي ڳڻتي کي ورجائيندي ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي به ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ سال اڳ 9 مارچ 2022ع تي ڀا??ت جي سورت ڳڙهه مان پاڪستاني حدن ۾ سپر سونڪ م??زا??يل براهموس فائر ڪيو ويو هو. ان سان انساني جانين ۽ ملڪيتن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي پڻ شديد خط??و لاحق ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ان نازڪ صورتحال ۾ مثالي تحمل جو مظاهرو ڪيو جيڪو اسان جي نظام جي پختگي ۽ هڪ ذميوار ائٽمي رياست جي طور تي امن جي لاءِ پڪي عزم جو ث??وت آهي. ڀا??ت جي غيرذميواراڻي عمل عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي سطح تي غلط قدمن جي لاءِ رياستن جي ذميواري بابت شقن، شهري هوابازي جي قانونن ۽ حفاظتي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ان پنهنجي اسٽر??ٽج?? هٿيارن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀا??تي نظام ۾ موجود ڪيترن ئي نقصن ۽ فني خامين کي بي نقاب ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀا??تي حڪومت ان سنگين واقعي بابت حقيقتن جو صحيح طريقي سان تعين ڪرڻ جي لاءِ گڏيل جاچ جي پاڪستان جي مطالبي کي تسليم نه ڪيو. ڀا??ت پنهنجي اندروني جاچ جا نتيجا به پاڪستان سان شيئر نه ڪيا آهن. ان جي نام نهاد داخلي جاچ جي هڪطرفي ۽ جلدبازي ۾ بندش ڀا??ت جي اسٽر??ٽج?? هٿيارن جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي ورجائي ٿو. اسان سيڪيورٽي پروٽوڪول ۽ جوهري ماحول ۾ م??زا??يلن جي حادثاتي يا غيرمجاز لانچ جي خلاف ٽيڪنيڪي خدشن جي حوالي سان ڪيترن ئي بنيادي سوالن جي اطمينان جوڳن جوابن ۽ وضاحت جي پڻ اميد ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران ڀارت جي 9 مارچ 2022ع تي براهموس سپر سونڪ ميزائيل جي پاڪستاني سرزمين تي غيرذميواراڻي فائرنگ اقعي جي گڏيل جاچ جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : گرم گرم