اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي طوفان سان ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي ??ڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي ??وجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٽيليفون ڪيو ۽ سامونڊي طوفان جي حوالي سان تازه ترين صورتحال ۽ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيرا??ظم سنڌ جي وڏي وزير جي سامونڊي طوفان جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظامن کي ساراهيو. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته سامونڊي جهازن، مُهاڻن، سامونڊي انفراسٽرڪچر، ٻوڏ جي خطري، ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي ??ڃي. وزيرا??ظم کي لاڳاپيل علائقن ۾ عوام ک?? اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ جي حوالي سان قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيرا??ظم هنگامي صورتحال ۾ ضروري سامان، اوزارن ۽ ٻين لاڳاپيل شين ج?? اڳواٽ انتظامن تي پڻ آگاهي حاصل ڪئي ۽ مڪمل نگراني رکڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيرا??ظم چيو ته وفاق جي انتظام هيٺ سمورا ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد جي لاءِ هر وقت تيار رهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيرا??ظم شهباز شريف جي جذبي ۽ فڪرمندي تي ان جا ٿورا مڃيا.
سامونڊي طوفان سان ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي: وزيراعظم شهباز شريف جي سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری