اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته تماڪ و??پرائڻ سان هر ڇهن سيڪنڊن کانپوءِ هڪ شخص جو موت ٿئي ٿو، هر سال 50 لک ماڻهو حياتي وڃائي ويهن ٿا جڏهن ته 20 هين صدي ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو تماڪ و??پرائڻ سان پنهنج?? زندگين کان محروم ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن کي تماڪ و??پرائڻ جي اثرن ۽ نقصانن کان آگاهي فراهم ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته تماڪ و??پرائڻ جي حوالي سان ڪجهه اهم سوال پڇڻ تمام ضروري آهن، هي اهڙي بيماري آهي جنهن جي ڪري سراسري هر ڇهن سيڪنڊن کانپوءِ هڪ شخص جو موت ٿئي ٿو جڏهن ته 10 ماڻهن مان هڪ شخص جي موت تماڪ و??پرائڻ سان ٿئي ٿي. هن چيو ته 20 هين صدي ۾ تماڪ و??پرائڻ جي ڪري 10 ڪروڙ ماڻهو پنهنج?? زندگين کان محروم ٿيا. سڄي دنيا ۾ ساليانو 50 لک فوتگيون تماڪ و??پرائڻ سان ٿين ٿيون. هن خ??شو ظاهر ڪيو ته تماڪ و??پرائڻ جي جنگ انهي شدت سان جاري رهي ته 2030ع تائين ان سان فوت ٿيندڙن جو انگ 50 لک مان وڌي 80 لک تائين پهچي ويندو. مرتضيٰ سولنگي تماڪ و??پرائڻ جي خلاف جنگ جي هيروز کي سلام پيش ڪندي چيو ته تماڪ و??پرائڻ نشو نه آهي موت جي گوري آهي، اهو انسان?? زندگين جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته جتي ٻين صحت جي لاءِ هاڃيڪار شين جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو اتي تماڪ و??پرائڻ جو ذڪر پڻ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته تماڪ تي ٽيڪسز ۾ اضافو ان جي حوصلا شڪني جي لاءِ ضروري آهي، ماحولياتي تباهي وانگر تماڪ و??پرائڻ پڻ انسان?? زندگين جي لاءِ خطرو آهي، ان جا اثر اسان روزانو پنهنج?? زندگين ۾ ڏسون ٿا. هن چيو ته تماڪ و??پرائڻ جي ڪري صحت جي شعبي ۾ خرچن ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته جڏهن هو وزير نه هو تڏهن به تماڪ و??پرائڻ سان وڙهندڙ هيروز جو حامي هئس، اڄ به آهيان ۽ سڀاڻي به حامي رهندس.
تماڪ واپرائڻ سان هر ڇهن سيڪنڊن کانپوءِ هڪ شخص جو موت ٿئي ٿو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری