اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چي?? آهي ته پاڪستان جا هنگري سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان هنگري سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن هنگري جي سفير بيلافيزيڪاس سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن جمعي ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پارلياماني تعاون تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چي?? ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪ?? جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چي?? ته پارلياماني وفد?? جي مٽاسٽا ۽ پاڪ – هنگري پارلياماني فرينڊشپ گروپ ذريعي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق تعليم جي ميدان ۾ هنگري جي تعاون کي ساراهيو. سفير اسپيڪر جي هنگري لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هنگري جي سفير به پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سفير هنگري جي اسپيڪر طرفان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پارلياماني وفد سان گڏ دوري جو دعوت نامو به ڏنو.
پاڪستان هنگري سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار