اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ توسيع ۽ علائقائي رابطن کي بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي زراعت، غذائي تحفظ، ڪاروبار، تعليم، ريلوي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عوامي سطح تي مضبطو رابطن جي فروغ جهڙن اهم شعبن ۾ گڏيل طور تي مفيد تع??ون وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار صدر آصف علي زرداري ۽ روس جي نائب و??ير??عظم اليڪسي اوورچڪ جي وچ ۾ مُلاقات دوران ڪيو ويو، جنهن پنهنجي وفدن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. روسي نائب و??ير??عظم جي آجيان ڪندي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مستحڪ ڪرڻ جي لاءِ بارٽر واپار جي امڪانن تي غور جي اهميت تي زور ڏنو. هن ويزا جي ضابطن کي آسان بڻائڻ، ريلوي ۽ سڌوسنئون اڏامن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن ماڻهن ۽ ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏئي سگهجي. ملاقات دوران ٻڌايو ويو ته زرعي شعبي ۾ ٻطرفو تع??ون وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. اهو به ٻڌايو ويو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ گڏيل منصوبن جي شروعات جي زبردست صلاحيت موجود آهي. ان کانسواءِ آڪ??وبر ۾ پاڪستان مان 75 ميمبرن تي ٻڌل ڪاروباري وفد روس جو دورو ڪندو ته جيئن ڪاروبار ۽ اقصادي تع??ون جا موقعا ڳولي سگهجن. روس جي نائب و??ير??عظم اليڪسي اوورچڪ چيو ته روس غذائي تحفظ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، رابطن ۽ ريلوي جي شعبن ۾ پاڪستان سان تع??ون کي بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته آڪ??وبر ۾ روس?? وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪندو. هن چيو ته روس سمورن مذهبن ۽ مسلم ثقافت جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو ۽ قرآن مجيد جي توهين جي مذمت ڪري ٿو. ملاقات دوران نائب و??ير??عظم/ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاق?? وزير احسن اقبال، توانائي وارو وفاق?? وزير سردار اويس احمد خان لغاري، مواصلات وارو وفاق?? وزير عبدالعليم خان، واپار وارو وفاق?? وزير ڄام ڪمال خان، سينيٽر شيري رحمان ۽ لاڳاپيل وزارتن جا سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
صدر سان روس جي نائب وزيراعظم جي مُلاقات، پاڪستان ۽ روس پاران ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ توسيع ۽ علائقائي رابطن کي بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز