??سل??م آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??اڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار ۾ معياري ??صنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو، ڪرغزستان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ايوان ص??ر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات دوران ڪئي جنهن ص??ر سان ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ معياري ??صنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته ڪرغزستان ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪرغزستان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته سلامتي ڪائونسل جي غير??ست??ل سيٽ تي پاڪستان جي ڪا??يا?? چونڊ ۾ ڪرغزستان جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. ملاقات ۾ ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ پڻ ڳالهائيندي چيو ته دوست ملڪن سان واپار جو فروغ ڪرغزستان جي ترجيح آهي، ڪرغزستان معيشت، ڪاروبار ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. زاپاروف اڪيل بيڪ چيو ته ڪرغزستان جي معاشي ترقي جي ڪري تعميراتي ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ افرادي قوت جي لاءِ وڏا موقعا آهن. هن چيو ته ڪرغز شهرين جي لاءِ پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ جو عمل آسان بڻائڻ تي ٿورا مڃُون ٿا.
پاڪستان ۽ ڪرغزستان ۾ ٻطرفي واپاري جي ڪاٿي ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر