اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وزيراعظم اوالزاس بيڪ تينوف شن??ها??ي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان پهچي ويو. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مواصلات ۽ نجڪاري واري وف??قي وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن مهمان وزيراعظم جي شاندار ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي.
ان موقعي تي روايتي لباس پهرين ٻارن کيس گدستو پيش ڪيو. قزاخستان جي وزيراعظم جي اچڻ جي موقعي تي نجڪاري واري وف??قي وزير ۽ مهمان وزيراعظم جي وچ ۾ خيرسگالي جي جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفارتخ??ني جا اعليٰ سفارتي عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. قزاخستان جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي جي فروغ ۽ علائقائي تعاون ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي شرڪت سان علائقائي امن جي اميد وڌي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ