اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ل??اقت ??لي خان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، لياقت ??لي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس شمار قائداعظم محمد علي جناح جي انتهائي بااعتماد ۽ مخلص ساٿين ۾ ٿئي ٿو، شهيد ملت ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت ??لي خان جي ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته شهيد ملت لياقت ??لي خان جي ورسي جي موقعي تي قوم ۽ ملڪ لاءِ پيش ڪيل قربانين ۽ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته شهيد ملت لياقت ??لي خان تحريڪ پاڪستان جي سرگرم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو. اسپيڪر چيو ته ل??اقت ??لي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن پاڪستان جي وزيراعظم طور ملڪ جي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. شهيد ملت اصولن ۽ نظرين تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي آزادي، سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحا?? ۽ ??رامن بڻائڻ ۾ اسان کي لياقت ??لي خان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر لياقت ??لي خان جي ورسي کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سان ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته شهيد ملت کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته س??دس مشن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن الله تعاليٰ کان لياقت ??لي خان جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي.
لياقت علي خان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria