اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن ۽ هيڊ آف ايجوڪيشن سان ملاقات ڪئي، جن??ن ۾ تعليم ۽ مهارتن جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه هتي جاري بيان موجب ا?? موقعي تي گورنر چيو ته تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ، نوجوانن ۽ عورتن کي تربيتي پروگرامن ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪي پي ڪي جي تعليمي ??دارن ۽ انگلينڊ جي تعليمي ادارن وچ ۾ حصيداري کي هٿي ڏيڻ سندن ترجيحن ۾ شامل آهي. انهن حصيدارن جو مقصد شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا ذريعي عالمي مهارتن کي ڪي پي ڪي جي تعليمي ??دارن تائين آڻڻ آهي. ڳالهين دوران گورنر پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي ڪي پي ڪي چيپٽر جي حوالي سان پنهنجي ويزن تي به ڳالهه ڪئي، ان جي خدمتن ۾ نواڻ ۽ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڪي پي ڪي جي تعليمي ??دارن جي شاگردن خاص ڪري نوجوان عورتن ۾ آرٽس ۽ ڊزائن جي بي پناهه صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ان منصوبي لاءِ برٽش ڪائونسل سان ڀائيواريءَ جي باضابطه تجويز موڪلي وئي آه??. ج??مز هيمپسن آءِ ايم سائنسز يونيورسٽي پشاور ۾ هڪ جديد هنرمند مرڪز جي برٽش ڪائونسل جي منصوبا بندي جي باري م ٻُڌايو ۽ گورنر کي جن??ري 2025ع ۾ ان مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. برٽش ڪائونسل جي ٽيم گورنر کي ”گول“ پروگرام بابت به آگاهه ڪيو، جن??ن جو مقصد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ضلعن ۾ 2 لک 50 هزار غير تعليم يافته ڇوڪرين جي داخلا آهي. ملاقات دوران فني ۽ پيشيوراڻي تعليم ۽ تربيت ۽ سڄي ملڪ ۾ جاري اعليٰ تعليمي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ڪي پي ڪي جي گورنر پاران برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام