اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چ??ڌري سالڪ حسين چيو آهي ته سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي، اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي سارسنڀال ۽ انهن جي واڌا ويجه لاءِ ڪم ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڪٽاس راج مندر ۾ ٺاهيل رهائشي بلاڪس جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چڪوال ۾ ڪٽاس راج مندر ۾ هندو ياترين جي رهائشي بلاڪ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي چي?? ته مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي. هن چي?? ته اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن، نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي به سارسنڀال لاءِ ڪم ڪنداسين. عالمي فورم تي انڊيا ۾ مسلمانن تي ظلم خ??اف آواز اُٿارينداسين. هن چي?? ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، اسان دنيا کي اقليتي برادريءَ جي حوالي سان سٺو پيغام ڏينداسين. وفاقي وزير چ???? ته پاڪستان ۾ حج خرچ بنگلاديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وصول ڪيا وڃن ٿا. هن چي?? ته اسان حج پيڪيج کي مهانگو نه ٿيڻ ڏنو، ڪٽاس راج چڪوال ۾ ٻن وڏن ڪارخانن سبب روڊ رستا زبون حاليءَ جو شڪار آهن، فيڪٽري مالڪن کي پابند ڪنداسين ته اهي روڊن جي مرمت ڪرائين. چوڌري سالڪ حسين چي?? ته ڪوشش ڪنداسين ته وڌ کان وڌ ياترين کي ويزائون ملن، پرڏيهي وزارت کي به چونداسين ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون دُور ڪري.
سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي: مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável