نيويارڪ -29 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير راڪم ۽ اوڀر ڪيريبين ۾ واقع ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ جي ملڪ سينٽ لوشيا سان سندس هم منصب مينيسا ريمبالي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ لاءِ سندن حڪومتن طرفان هڪ گڏيل پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پ??ڪستاني نمائندي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن دولت مشترڪه سميت گهڻ رخي ف??رم?? تي سهڪار ڪري رهيا آ??ن. هن چيو ته باضابطا لاڳاپن جي قيام سان ٻه طرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سياسي سهڪار ج?? شعبن ۽ سياحت کي هٿي ملندي. ان موقعي تي سينٽ لوشيا جي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي هڪ نئين پر اهم باب جي شروعا تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪٽر ڊيرن سيمي جنهن جو تعلق سينٽ لوشيا سان آهي، هڪ اعزازي پ??ڪستاني شهري به آهي جيڪو سدائين پاڪستان ۽ اتان جي عوام جي م??ما?? نوازي بابت ڳالهيون ڪندو آهي. سفير تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي پ??ڪستاني نمائندي جو شڪريو به ادا ڪيو.
پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ