گڏيل قومون -04 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ امن کي درپيش خطرن ۽ تڪر??رن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي گهٽجندڙ امڪانن باوجود عورتون سڄي دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجي ڪردار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سياسي ۽ امن بابت معاملن جي سيڪريٽري جنرل روز ميري ڊي ڪارلو گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪيو. امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا تي قيادت جي صنفي تبديلي جي طاقت ۾ سيڙپڪاري تي بحث دوران ڳالهائيندي هن سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ??ريو ت?? نوجوان نسل لاءِ رستا کوليا وڃن. هن چيو ته عورتن ۾ سيڙپڪاري، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا، تڪر??رن کي روڪڻ ۽ جٽادار ۽ جامع امن حا??ل ڪرڻ وقت جي ضرورت بڻجي ويو آهي. هن خبردار ڪندي هن عالمي طاقت جي ڍانچي کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ عورتن ۽ نياڻين جي عدم تحفظ و??رن بنيادي سببن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. روز ميري ڊي ڪارلو عورتن جي قائداڻي ڪردار کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان 3 اهم شعبن مڪالمي ۾ سهولتڪاري، امن جي جامع عمل کي هٿي وٺائڻ ۽ نوجوان عورتن جي قيادت ۾ سيڙپڪاري جي نشاندهي ڪئي. هن اهڙي جامع امن عمل کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت تي زور ??ريو جنهن ۾ عورتن کي ترجيحي ڪردار ڏنو وڃي. هن ياد ڏياريو ته عورت، امن ۽ سلامتي تي ڪائونسل جي سالياني بحث دوران سيڪريٽري جنرل امن عمل ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ??ريو هو.
عورتون دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجي ڪردار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ