کٽمنڊو – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيائي تنظيم (سارڪ) کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن تي ڪاربند رهيو آهي، هن اها ڳالهه س??رڪ سيڪريٽريٽ جي دوري دوران پنهنجي خطاب ۾ چئي ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين س??رڪ کي خودمختيار برابري جي اصول تي ٻڌل علائقائي تعاون لاءِ هڪ فعال ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته س??رڪ ميمبر ملڪن جي اقتصاديات کي سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل اهميت جي مختلف شعبن ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ لا??ِ تمام گهڻي صلاحيت رکندڙ آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تنظيم کي خطي جي معيشت، ثقافت ۽ سماجي ترقي حا??ل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ