اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪساني قوم جي سامهون ڪا شيءَ ناممڪن نه آهي، اسان کي الله تعاليٰ هر قسم جي وسيلن سان مالامال ملڪ ڏنو، اسا?? ملڪ کي اهو ملڪ بڻائينداسين جنهن جو خواب شاعر مشرق علامه اقبال ڏٺو هو ۽ هڪ عظيم قوم بڻجنداسين. هن اها ڳالهه اقبال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنج?? وڊيو پيغام ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته 9 ??ومبر علامه محمد اقبال جي سالگرهه جو ڏينهن آهي ۽ ان موقعي تي هو علامه اقبال جي فلسفي جي هڪ رخ تي ڳالهائڻ جو خواهشمند آهي ڇو ته اقبال جو فلسفو ته هڪ سمنڊ آهي، ان جي ڪيترن ئي رخن تي ڳالهه ??ي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک