اسلام ??باد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اعليٰ عدليه جي حڪمن جي باوجود پي ڊي ايم ملتان جلسو، مخالف ڌر توهين عدال?? ڪئي آهي، پي ڊي ايم جلسي منتظمين ۽ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي پئي وڃي، اڳتي به جيڪو عدالتي حڪمن ۽ اين سي او سي سفارشن تي لڳل پابندين جي خلاف ورزي ڪندو ان جي خلاف اهڙي ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪورونا وائرس جي ٻي حياتي کسيندڙ لهر جي ڪري س??ي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آهي، پي ڊي ايم هاڻي لاهور جلسي جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، انهن کي لاهور جلسي کان نه روڪينداسين پر انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ضڙور ٿيندي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي سڄي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، انهن ماڻهن زندگي ۾ ڪڏهن سچ ناهي ڳالهايو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته اسلام ??باد هاءِ ڪورٽ ۽ اين سي او سي جي سفارشن جي روشني ۾ س??ي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آهي.
عدالت جي حڪمن باوجود پي ڊي ايم جلسو ڪري توهين عدالت ڪئي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : راکی