اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ براڊ شيٽ جي معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز 2013ع تحت علي مهدي جي پاڪستان ڊيولپمينٽ فنڊ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرري، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي انتظام هيٺ سمورن درجن جي نوڪرين تي پاڪستان ايسينشن?? سروسز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ۾ 6 مهينن تائين جي واڌ، پاور ڊويزن تحت جوڙيل ڪور ڪميٽي جي ميمبرن کي رينٽل پاور پراجيڪٽ ۾ جاچ جي روشني ۾ ملڪ کي وڏي مالي نقصان کان ب??ائ?? جي حوالي سان خدمتن تي مالي ايوارڊ ڏيڻ، سامونڊي معاملن اري وزارت تحت ڪراچي ڊوڪ ليبر بورڊ جي ميمبرن جي نامزدگي، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن ??ار?? وزارت کي صحت سهولت پروگرام جي ڊيٽا تصديق جي ڏس ۾ نادرا سان سڌوسنئون 5 سالا معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. منصوبابندي ??ار?? وزير ڪابينا کي ڳڻپ ??ار?? وفاقي اداري پاران تازو ئي ڪي?? سروي جي بنياد تي ڪورونا وبا جي اثرن جي نتيجن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اپريل ۾ ا??ڪل 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني تقريبن ختم ٿي چڪي هئي. حڪومت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي، مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارت لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ اڏاوتن ۽ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ فيصلاسازي جي ڪري 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني بحال ٿي. منصوبابندي ??ار?? وزير وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي وقت سر فيصلي جي ڪري ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ ا??ڪل 95 سيڪڙو ماڻهو جن جو روزگار ختم ٿي چڪو هو، بحال ٿيو. بعد ۾ ٽرانسپورٽ جو شعبو به کوليو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون دوران ا??ڪل 80 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ڪنسٽرڪشن، 72 سيڪڙو جو مينوفيڪچرنگ جڏهن ته 67 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ٽرانسپورٽ جي شعبن سان واڳيل هو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی