دوشنبي – 16 8211; سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته خطي جا سمورا اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق آهن ته افغانستان ۾ استحڪام لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانستان جي صورتحال ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي اسان جي بيلاروس، ازبڪستان، ايران ۽ قزاخستان جي صدرن سان اهم ملاقاتون ٿيون، وزيراعظم عمران خان ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وڌيڪ ڌيان افغانستان تي رهيو آهي، دلچسپ موقف ٻڌڻ لاءِ مليو آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته اسان کي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ ??ام?? حڪومت لاءِ اسان کي اڳ??ي وڌڻو پوندو. هن چيو ته ان ڳالهه تي سمورين ??رين ۾ اتفاق آهي ته افغانستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته افغانستان چوواٽي تي بيٺل آهي، اسان خطي جي اڳواڻن کي باور ڪرايو آهي ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پوري خطي لاءِ خطرناڪ هوندو، ان صورتحال جو سموري ليڊرشپ کي ادراڪ آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ترڪمانستان، ازبڪستان، قزاخستان ، ايران ۽ پاڪستان جا سربرا??ه هتي موجود آهن، سڀاني چين جو پرڏيهي وزير به هتي اچي رهيو آهي، اسان هڪ حل طرف اڳ??ي وڌي رهيا آهيون، افغانستان جي استحڪام لاءِ سمورن پاڙيسرين ??ڏجي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪري رکيو آهي.
خطي جا سمورا اڳواڻ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ تي متفق آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ