اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پ??ڪستاني اسان جو قيمتي اث??ثو آهن، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ڊي اي جي تجويز ڪيل عالمي معيار جي هائوسنگ منصوبي، اوورسيز انڪليو اسلام آباد بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي 90 لک سمنڊ پار پ??ڪستانين کي معاشي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ??اهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اث??ثو آهن، اسان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ۽ آمدني وڌائڻ جي لاءِ انهن جي مهارت ۽ خدمتن مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي اسلام آباد ۾ هڪ اهم جڳهه تي اٽڪل 6000 اپارٽمينٽس جو ڪل??ٽر تيار ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي جتي اٽڪل 35000 ماڻهن کي عالمي معيار جي رهائش جي سهولت حاصل ٿيندي، اهو منصوبو مڪل طور تي پائيدار ۽ انتهائي محفوظ هوندو ۽ سمورن سمنڊ پار پ??ڪستاني سيڙپڪارن کي پرڪشش واڪ جي سهولت حاصل هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان تجويز ڪيل هائوسنگ اپارٽمينٽس جي اعليٰ معيار جي تعمير، تيز رفتار پڄاڻي ۽ مسابقتي قيمتن جي تعين کي يقيني بڻائين ته جيئن سمنڊ پار پ??ڪستانين پاران انهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي اوورسيز واري خاص معاون سيد طارق محمود الحسن، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سي اي او اربن ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي عمران امين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات