اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال تي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي??. وز??راعظم چيو ته حڪومت پاڪستان معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هن??امي قدم کڻڻ ??ڃي رهي آهي. وز??راعظم معاشي ٽيم کي هن??امي بنيادن تي معيشت جي بهتري لاءِ سڌارن جي ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جي بهتري سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ وز??راعظم کي ناڻي واري وزارت پاران ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪي?? ويو. وز??راعظم پريشان ڪندڙ معاشي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪي??. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پاشا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ