اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ڄمون ۽ ڪ??مير جي آزاد رياست جي 75هين تاسيس ڏهاڙي تي آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير رياست جو بنياد رکيو. آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير رياست جو بنياد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪشميري عوام ??ار??ي قبضي کان آزادي چاهي ٿي. ڄمون ۽ ڪ??مير جي آزادي جو سفر اڃا جاري آهي. ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. اسپيڪر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ??ار?? ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ??ار?? لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل جاري ڪري گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ??ار?? غيررياستي رهواسين کي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ڊوميسائيل جاري ڪري مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ??ار?? جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀرپور طريقي سان آواز بلند ڪري رهيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ??ار??ي حڪومت جي رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ پارليامينٽ سدائين ڪشمير جو ڪيس هر فورم تي ڀرپور انداز ۾ وڙهيو آهي. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ضروري آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد رياست جي 75 هين تاسيس ڏهاڙي تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں