استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان وطن واپسي جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ترڪيءَ ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني جي عملدار?? ۽ ??رڪيه جي اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم محمد ش??باز شريف ۽ صدر رجب طيب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي مع??مل?? تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي، وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪيو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد ش??باز شريف ترڪيه جي واپارين سان ملاقات، پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب، اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری