اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن پشاور جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ريڊيو پاڪستان پشاور جو دورو ڪندو جنهن جي عمارت تي 9 مئي 2023ع تي ح??لو ڪيو ويو هو. وزيراعظم کي ريڊيو پاڪستان جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي پهچندڙ نقصان بابت ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم گورنر هائوس به ويندو جتي هن کي امن امان جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني ويندي ۽ خيبرپختونخواهه جي سياسي قيادت به وزيراعظم سان ملاقات ڪندي.
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania