اسلام آباد ??? 02 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پر??يهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جي نائب پر??يهي ??زير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئي. جارجيا ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جا سفير ۽ ٻنهي ??لڪن جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين افتتاحي اجلاس کي تعاون جي لاءِ اهم قرار ڏيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ تعاون جي گڏيل فائديمند شعبن کي ڳولڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ??لڪن جي سيڙپڪار دوست پاليسين جو ذڪر ڪندي پر??يهي سيڪريٽري پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ڌرين مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت جي طريقيڪار کي پڻ باقاعده بڻايو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندو. پر??يهي سيڪريٽري جارجيا جي پر??يهي ??زير دارچيا شويلي ايليا سان پڻ ملاقات ڪئي. مشاروت جي افتتاحي دور جي آجيان ڪندي ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هي ??نهي ??لڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جو بنياد رکندو. پر??يهي سيڪريٽري جارجيا جي انصاف واري نائب وزير ۽ اقتصاديات ۽ پائيدار ترقي واري نائب وزير سان پڻ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. پر??يهي سيڪريٽري جارجيائي ڪمپنين جي نمائندن سان گڏ هڪ انٽرايڪٽو تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جتي هن پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ تعاون جي امڪانن کي کولڻ جي لاءِ سخت ڪاروبار بابت نيٽ ورڪنگ جي ضرورت ??ي زور ڏنو.
پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز