اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ الفلاح لميٽيڊ پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل اپيل کي رد ڪندي هدايت ڪئي آهي ته بئنڪ بنا اجازت آن لائين ادائيگي جو نظام فعال ڪرڻ ۽ صارف جي وقت سر شڪايت کي نظرانداز ڪرڻ تي معافي وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته صارفين کي انٽرنيٽ ب??نڪنگ جي فائدن ۽ نقصانن بابت آگاهه ڪرڻ بئنڪ جي ذميواري آهي، بئنڪ الفلاح 66850 رپين جي وڃايل رقم منافع?? سان گڏ صارف کي واپس ڪري. تفصيل موجب محمد يار (شڪايت ڪندڙ) بئنڪنگ محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي ته ان جي ڪريڊٽ ڪارڊ تي 66850 رپين جو گهپلو ٿيو، صارف بئنڪ کي آگاهه ڪيو ته هن آن لائين خريداري ناهي ڪئي تنهن ڪري آن لائين ادائيگي کي روڪيو وڃي، بئنڪ شروعاتي طور تي رقم واپس ڪئي پر ڇهن مهينن کانپوءِ بئنڪ رقم ڪريڊٽ ڪارڊ مان ڪاٽي ورتي جنهن تي صارف بئنڪنگ محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته بئنڪ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ الفلاح جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته شڪايت ڪندڙ انٽرنيٽ/ ڊيجيٽل بئنڪنگ کان واقف نه آهي، صارف کي بئنڪ پاران ڪال موصول ٿيڻ تي ڏيتي ليتي جي ڄاڻ ٿي، غيرمجاز/ جعلي ڏيتي ليتي جي فوري اطلاع ڪري صارف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ بئنڪ جو فر?? آهي. صدر چيو ته صارف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ بدران بئنڪ باقاعده شڪايت جو انتظار ڪيو، بئنڪ ايس ايم ايس يا ميل جي صورت ۾ گهربل معلومات جمع ڪرائڻ ۾ پڻ ناڪام رهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته اهم ثبوت جي معلومات/ دستاويز جمع نه ڪرائڻ عڪاسي ڪري ٿو ته يا ته بئنڪ وٽ رڪارڊ نه آهي يا پوءِ پاس ورڊ ناهي موڪليو ويو، بئنڪ الفلاح اسٽيٽ ب??نڪ جي مختلف ضابطن/ هدايتن جي عدم تعميل ڪندي ڏٺي وئي. صدر چيو ته اسٽيٽ ب??نڪ جي هدايتن موجب صارف جي رضامندي حاصل ڪرڻ بئنڪ جي ذميواري آهي، سادي زبان ۾ ال??ڪٽ??انڪ فنڊز منتقلي جي سهولت بابت صارف کي مطلع ڪرڻ به بئنڪ جو فر?? آهي. هن چيو ته بئنڪ ثابت نه ڪري سگهي ته انٽرنيٽ ب??نڪنگ جي سهولت صارف جي رضامند?? سان فعال ڪئي وئي. صدر چيو ته بئنڪ الفلاح جي اپيل ميرٽ کان عاري آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي. هن هدايت ڪئي ته بئنڪ صارف کان معافي وٺي ۽ منافع?? سان گڏ وڃايل رقم واپس ڪري.
صدر پاران بئنڪ جي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي اپيل رد
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن