اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو، ملائيشيا جي واپارين کي پاڪستان ??ي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ملائيشيا ۾ پاڪستان ??ي ن??مز?? هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ملائيشيا سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا ڳوليا وڃن. صدر ن??مز?? هاءِ ڪمشنر تي زور ڏنو ته هو ملائيشيا جي واپاري برادري، چيمبر آف ڪامرس سان ??ابطن کي فروغ ڏي، گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو خاطرخواهه اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، ويليو ايڊيڊ شين جي ذريعي ملائيشيا کي پاڪستان ??ي درآمد وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ??يون وڃن. هن چيو ته ن??مز?? هاءِ ڪمشنر ملائيشيا ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي سهولت ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ??ري. صدر ن??مز?? هاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن سان ??ڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ به ڪم ڪري. صدر فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي عملدرآمد ۾ پاڪستان ??ي مدد تي ملائيشيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر ن??مز?? هاءِ ڪمشنر کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ملائيشيا سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام