اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊا??ٽر عارف علوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ٺاهڻ جي لاءِ سمورون ڌيان تعليم جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي تي ڏيڻو پوندو. صد?? باباءِ قوم قائداعظم جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان کي قائداعظم جي ويزن موجب هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي جو عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته قائداعظم امن، برابري، قانون جي بالادستي، معاشي ۽ سماجي انصاف ۽ اقليتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اڄ جي ڏينهن پوري پاڪستاني قوم ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي عظيم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صد?? چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن قائداعظم جي دورانديش ۽ مدبراڻي قيادت ۾ گهٽ عرصي ۾ پاڪستان حاصل ڪي??، قائداعظم ڀرپور انداز ۾ هن?? جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو ۽ هڪ جدا رياست جو قيام عمل ۾ آندو. ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قائداعظم جي ٻڌايل سنهري اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب ملڪ جي ڪمزور طبقن سميت عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صد?? ورسيءَ جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلندي جي پڻ دعا ڪئي.
صدر پاران قائداعظم محمد علي جناح کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج