اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني غزه جي الاهلي پاپسٽ اسپتال تي اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيل پاران غزه ۾ اسپتال تي ڪڌ?? حملو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اه?? حملو عالمي انساني قانونن جي خلاف ورزي اهي، جنهن ۾ معصوم بارن، عورتن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پناهه وٺندڙ بي گهر شهرين کي نش??نو بڻايو ويو آهي. اها ڳالهه ذڪر ??وڳي آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، جنهن جو مقصد غزه جي بحران ۽ اتان جي محصور شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن جنهن ۾ مصر، ا??را??، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيهي وزير شامل آهن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
اسرائيل جو غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو حملو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت