اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ حوصلا افزائي سميت ون ونڊو سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪس??ان جي خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار حسيب احمد جي قيادت ۾ مختلف جاگرافيائي ۽ ڪاروباري پس منظر سان تعلق رکندڙ آڪسفورڊ گ??يجوئيٽس تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته عالمي ڪاروبار پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪن، بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻن، عالمي سيڙپڪار ۽ ڪمپنيون پاڪس??ان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين. هن چيو ته پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود آهن، پاڪس??ان هڪ ??ڀرندڙ مارڪيٽ آهي جنهن جي ڪاٿي ۾ هر سال اضافو ٿي رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪس??ان معيشت جي بهتري، روانگي واپار وڌائڻ ۽ مصنوعات جي لاءِ نئين منڊين جي ڳولا تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جا لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ تازن سالن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي درجابندي ۾ بهتري آئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪس??ان ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موقعا ڳولين. صدر چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي حڪومت پاران پيش ڪيل ٽيڪس مراعتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪس??ان وٽ تربيت يافته انساني وسيلا دستياب آهن، نوجوانن ۽ عورتن کي جديد آءِ ٽي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جو ڊيجيٽل اسڪلز ٽريننگ پروگرام شروع ڪيو ويو، ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام تحت 2018ع کان هيستائين 35 لک نوجوانن کي ٽريننگ ڏني وئي آهي. صدر چيو ته پاڪس??ان آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائڻ، معياري ۽ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.
پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جي خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر