اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن جي شموليت ۽ تعاون ??انسواءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي. هو پاڪستان ??يشنل يوٿ ڪنوينشن 2024ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان ??و. تقريب کي خطاب ڪندي نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جو جرئت ۽ بهادري سان ??قابلو ڪيو ۽ لازوال قربانيون ??نيون، پاڪ فوج پوري لگن ۽ پيشيواراڻي مهارت سان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي. هن چيو ته پاڪستان جي ذميوار شهري هجڻ جي ناطي اسان کي پاڪستان جي خلاف پاڪستان جي دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان ??ومي سلامتي جي ان اڀرندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان چئلينج تي ان ئي وقت ضابطو آڻي سگهجي ٿو جڏهن نوجوان، دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪري رياست پاران ??راهم ڪيل مستنند معلومات تي دارومدار ڪن.
پاڪستاني نوجوان اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن جي شموليت ۽ تعاون کانسواءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی