اسلام آباد- 06 ??يب??وري (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن لاءِ پو??نگ خميس 8 ??يب??وريءَ تي ٿيندي، جنهن ۾ 12 ڪروڙ 85 لک 85760 رجسٽرڊ ووٽرز قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن تي پنهنجن اميدوارن جي چونڊ ڪندا. چئن تڪن تي اميدوارن جي فوتگيءَ سبب پو??نگ ملتوي ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ 14 لک 90 هزار چونڊ عملو پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏيندو. سڄي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پو??نگ اسٽيشنون ۽ 2 لک 66398 پو??نگ بوٿ قائم ڪي?? ويا آهن. تڪ جو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجو آر او جي آفيس مان جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل تفصيلن مطابق پو??نگ صبح 8 وڳي کان بنا وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي. اسلام آباد ۾ قومي اسيمبليءَ جي 3 سيٽن تي 10 لک 83029 ووٽرز پنهنجي نمائندن جي چونڊ ڪندا. پنجاب مان قومي اسيمبليءَ جي 141 ۽ پنجاب اسيمبليءَ جي 297 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 7 ڪروڙ 32 لک 7896 ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. سنڌ مان قومي اسيمبليءَ جي 61 ۽ سنڌ اسيمبليءَ 130 سيٽن تي پنهنجن نمائندن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 69 کڱ 94769 ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. ڪي پي ڪي مان قومي اسيمبليءَ جي 45 ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جي 115 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 19 لک 28119 ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. بلوچستا?? مان قومي اسيمبليءَ جي 16 ۽ بلوچستان اسيمبليءَ جي 51 سيٽن تي پنهنجن نمائندن جي چونڊ لاءِ 53 لک 71947 ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 8 باجوڙ، پي ڪي 22 باجوڙ، پي ڪي 91 ڪوهاٽ ۽ پي پي 262 رحيم يار خان جي اميدوارن جي فوتگيءَ سبب پو??نگ ملتوي ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ 16766 پو??نگ اسٽيشنون انتهائي حساس، 29985 حساس جڏهن ته 44026 پو??نگ اسٽيشنون نارمل قرار ڏنو ويون آهن. پنجاب ۾ 5624 پو??نگ اسٽيشنون حساس ترين جڏهن ته انهن تي في پو??نگ اسٽيشن لاءِ 5 اهلڪار مقرر ڪي?? ويندا. سنڌ ۾ 4430 پو??نگ اسٽيشنون انتهائي حساس جتي في پو??نگ اسٽيشن تي 8 اهلڪار مقرر ڪي?? ويندا. اهڙيءَ طرح ڪي پي ڪي ۾ 4665 حساس ترين پو??نگ اسٽيشنن تي 9 اهلڪار في پو??نگ تي مقرر ڪي?? ويندا. بلوچستان ۾ 1047 انتهائي حساس پو??نگ اسٽيسن?? مان هر پو??نگ اسٽيشن تي 9 اهلڪار مقرر ڪي?? ويندا. ان ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق مطابق پهرئين درجي ۾ سيڪيورٽيءَ جي ذميواري پو??يس، جڏهن ته ٻئي درجي ۾ سول آرمڊ فورسز ۽ ٽئين درجي جي ذميواري پاڪ آرمي جي هوندي. ميڊيا طرفان پو??نگ اسٽيشنن جا نتيجا پو??نگ ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ بعد جاري ڪي?? ويندا. ووٽ اصل قومي شناختي ڪارڊ تي ئي وِجهي سگهبو جڏهن ته مُدي خارج ٿيل شناختي ڪارڊ به قابل قبول هوندو. اليڪشن ڪميشن طرفان هن سال عام چونڊن لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن جن جي فراهميءَ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. عام چونڊن جي نتيجي جي فراهمي لاءِ اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم ”اي ايم ايس“ استعمال ڪيو ويندو. پو??نگ اسٽيشن پُرامن ۽ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پرزائيڊنگ آفيسرن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا آهن. حساس ترين پو??نگ اسٽيشنن ٻاهران پاڪ فوج مقرر هوندي. چونڊ سامان جي پو??نگ اسٽيشن تائين فراهمي، ڳڻپ ۽ ان جي آر اوز جي آفيس تائين واپسيءَ لاءِ سيڪيورٽيءَ جي ذميواري پاڪ فوج جي هوندي. لاڳاپيل مبصرن ۽ـ ميڊيا کي پو??نگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. سڄي ملڪ ۾ 144 ڊي آر او، 859 رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري ڪئي وئي آهي. ڪل هڪ لک 91526 پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ 7 لک 85060 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن جي مقرر ڪئي وئي آهي. 5 هزار ڊيٽا انٽري آپريٽرز کي اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم (اي ايم ايس) ذريعي نتيجن جي جوڙجڪ ۽ فراهميءَ لاءِ آر اوز سان ڳنڍيو ويو آهي.
پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن لاءِ پولنگ خميس 8 فيبروريءَ تي ٿيندي، 12 ڪروڙ 85 لک 85760 رجسٽرڊ ووٽرز قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن تي پنهنجن اميدوارن جي چونڊ ڪندا
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج