اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ??ابينا بلوچستان ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ ۽ افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مدي ۾ 30 ڏينهن 2024?? تائين توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي ڪارڊ هولڊر پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا جڏهن ته ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي عنصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پار??ن جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ??ابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ??ابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي بلوچستان صوبي ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ هڪ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان خصوصي عدالت جو دائره اختيار ضلعي پنجگور، ڪيچ، گوادر، حب ۽ لسٻيلا تائين هوندو. ڪابينا هدايت ڪئي ته خصوصي عدالت ۾ سٺي شهرت جا ججز مقرر ڪيا وڃن ۽ پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. وفاقي ??ابينا سيفر??ن جي سفارش تي افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشنز (پي او آر) ڪارڊز جي مدي ۾ پهرين اپريل 2024?? کان 30 جون 2024?? تائين توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته ان توسيع سان پي او آر ڪارڊ هولڊرز پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا، انهن پي او آر ڪارڊ هولڊرز کي غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس ڪرڻ جي پروگرام جي ٽئين مرحلي ۾ پنهنجي وطن واپس موڪليو وي??دو جڏهن ته بنا ڪنهن سڃاڻپ ڪاغذن جي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس موڪلڻ جو پهريون مرحلو جاري آهي. نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري ڪابينا کي پي آءِ اي جي نجڪاري عمل تي تازي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته ان حوالي سان 2 اپريل تي قومي اخبارن ۾ اظهار دلچسپي جا اشتهار شايع ٿي چڪا آهن جن جي آخري تاريخ 3 مئي آهي ۽ هيستائين ڪيترين ئي ڪمپنين پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي عنصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ايوي ايشن جي سيڪريٽري ڪابينا کي پاڪست??ن جي هوائي اڏن خاص طور تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ سهولتن جي بهتري جي تازي قدمن تي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته هوائي اڏن تي سروس ڪائونٽرز ۾ اضافو ڪيو وي?? آهي ۽ سهولتن جي وڌيڪ بهتري تي ڪم جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته زراعت جي شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ سمورين ڌرين سان ڊرون پاليسي جي حوالي سان مشاورت حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ جلد ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وي??دي. وفاقي ??ابينا انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اي??ڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي ايم اي پي) جي بورڊ جي چار ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ??ابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 18 اپريل 2024?? جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا بلوچستان ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ ۽ افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مدي ۾ 30 ڏينهن 2024ع تائين توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم