واشنگٽن _24 آگسٽ (اي پي پي )ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ت?? پاڪستاني معيشت ۾ جاري سڌارن جو مقصد مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۽ معيشت کي پائيدار ترقي جي رستي ت?? گامزن ڪرڻ آهي ، انهن سڌارن ۾ ٽيڪس ۾ اضافو، غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ بهتري ۽ نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ شامل آهي، حڪومت مالياتي نظم و ضبط کي بهتر بڻائن لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي ت?? جيئن مالياتي خساري ت?? ضابطو آڻي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن واشنگٽن ۾ عالمي مالياتي ادارن جي اختيارين ۽ مخ??لف اهم شخصيتن سا?? ڪيترين ئي ملاقاتن ۾ ڳالهائيندي ڪيو . ناڻي وزارت طرفان جاري بيان مطابق سينيٽر محمد اورنگزيب آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تي زور ڀريو آهي ت?? اهي ماحولياتي خطرن جو شڪار ملڪن جي مدد ۾ اضافو ڪن ۽ سماجي تحفظ جي قدمن کي پنهنجي امدادي فريم ورڪ ۾ شامل ڪن. ملاقات دوران هن قرضن جي ادائيگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ رعايتي قرضن جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو . هن ڍوئچي بينڪ ۽ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ سميت مخ??لف بينڪن جي وفدن سان ملاقاتو?? ڪيون . ناڻي وزير آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تي زور ڀريو ته هو ماحولياتي خطرن کي منهنن ڏيندڙ ملڪن لاءِ امداد ۾ اضافو ڪن ۽ پنهنجي امدادي فريم ورڪ ۾ سماجي تحفظ جا قدم شامل ڪن ته جيئن انهن ملڪن کي معاشي بحالي ۾ مدد ملي سگهي . هن اها تجويز پيش ڪئي ت?? قرضن جي ادائيگي ۾ نرمي ڪئي وڃي ۽ رعايتي قرضن جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ت?? جيئن مالياتي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ ملڪن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ هو ماحولياتي چئلينجز جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪري سگهن . انهن قدمن جو مقصد مالياتي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي.
پاڪستاني معيشت ۾ جاري سڌارن جو مقصد مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪي معيشت کي جتادار ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ آهي:ناڻي وزير پاران واشنگٽن ۾ مالياتي ادارن جي اختيارين سان ملاقات ۾ ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ