اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ميٽنگ ۾ ??وج??انن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ساموا ۾ منعقد دولت مشترڪه جي انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ ريزيلنٽ ۽ شموليت تي ٻڌل دولت مشترڪه جي جوڙجڪ ۾ ??وج??انن جي قيادت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم تي زور ڏنو جيڪ ??وج??انن کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائي. محمد اسحاق ڊار ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جهڙن قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن لکين ??وج??انن کي تعليم، روزگار ۽ مشغوليت ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. هن ??وج??انن کي بااختيار بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام ميمورڊن آف انڊر اسٽينڊنگ تي نظرثاني ۽ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس جي شروعات شامل آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ??وج??ان نه رڳو ايندڙ ??ڀا??ي جا اڳواڻ آهن پر اڄ پاليسي سازي ۾ فعال طور تي حصو وجهي رهيا آهن، هن ڪلائميٽ ايڪشن ۽ ڊيجيٽل اختراع جا ادارا هلائڻ ۾ ??وج??ان اڳواڻن جي تعاون کي ساراهيندي دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي ??وج??انن کي هڪ مضبوط، وڌيڪ پائيدار مست??بل جي تعمير جي لاءِ حصيدارن جي طور تي اختيار ڪن ۽ دولت مشترڪه ڪميونٽي جي لاءِ پائيدار اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل انٽرجنريشنل تعاون کي جاري رکن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ميٽنگ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2