لاهور- 22 نومبر (اي پي پي) پاڪستان فلم انڊيسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد ??را?? جي 41 هين ورسي 23 ن??مبر تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي طبقن ۽ سندس مداحن طرفان مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وحيد ??را?? 2 آڪٽوبر 1938ع تي ڪراچي ۾ نث??ر ??را?? جي گهر پيدا ٿيو. وحيد ??را?? پاڪستاني فلم انڊيسٽري جو اسٽائلش هيرو هو. اداڪار طورتي سندس انداز ۽ گانن جي پڪچرائزيشن تحسين جوڳي هئي، جنهن کي ڀارت جي فلم انڊسٽري ۾ به نقل ڪيو ويندو هو. هن فلم ساز طورتي پڻ خدمتون انجام ڏنيون. فلم ساز طورتي سندس 2 فلمون انسان بدلتا ??ي ۽ جب سي تمهين ديکا هي رڪارڊ بزنس ڪيو. انهن فلمن جي ڪري وحيد ??را?? شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. وحيد ??را?? جي بهترين فلمن ۾ هيرا اور پٿر، بهارو ڦول برسائو، مستانه، ماهي، مني، ثريا بوپالي، ديور ڀاڀي، انجمن، سالگره ۽ ارمان نمايان آهن. وحيد ??را?? جي آخري فلم هيرو هئي جيڪا سندس وفات بعد 1985ع ۾ ريليز ٿي. وحيد ??را?? 23 ن??مبر 1983ع تي دل جو دورو ??وڻ سبب 45 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
وحيد مراد جي 41 هين ورسي 23 نومبر تي ملهائي ويندي
مضمون کا ماخذ : quina acumulada