اسلام آباد- 11 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون و??ڪرو 18 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون و??ڪرو 41 هزار ڪيوسڪ آهي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون و??ڪرو 10 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون و??ڪرو 10 هزار 800 ڪيوسڪ آهي، خيرآباد پل تي پاڻي جي هيٺانهون و??ڪرو 16 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون و??ڪرو 16 هزار 200 ڪيوسڪ آهي، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون و??ڪرو 5 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون و??ڪرو 25 هزار ڪيوسڪ آهي جڏهن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون و??ڪرو 5 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون و??ڪرو 2 هزار ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1480.54 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ا??تهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 2.283 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1145.75 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ا??تهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.554 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 642.40 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ا??تهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.072 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.
دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا