نيويارڪ-05 ڊسمبر (اي پي پي)صحافين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) چيو آهي ته 17 آڪتوبر کان شروع ٿيل اسرائيل فلسطيني تڪرار دوران غزه ۾ ها?? تائين 63 صحافي مارجي چڪا آهن. روسي خابرو اداري مطابق تنظيم جي رپورٽ جي حوالي سان ٻُڌيو ته ويجهڙ ۾ ش??يد ٿيل صحافين ۾ القدس ٽي وي جي رپورٽر حسن فراج الله ۽ المجدات نيٽ ورڪ جي صحافي شيما الغزار به شامل آهن. سي پي جي واضح ڪيو ته 17 آڪٽوبر کان ها?? تائين 56 فلسطيني ميڊيا ورڪرز، 4 اسرائيلي ۽ 3 لبناني صحافي پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته 11 ص??افي زخمي ٿيا ۽ 3 لاپتا آهن. سي پي جي وچ ايشيا ۽ اُتر آفريقا جي پروگرام ڪوآڙڊينيٽر شيريف منصور چيو ته سي پي جي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته صحافي بحران جي وقت ماڻهن کي تازا ترين حالتن کان آگاهه ڪن ٿا ۽ جنگ ڪندڙ ڌُرين طرفان کين نشانو نه بنائڻ گهرجي. فلسطيني صحافين جي سينڊيڪيٽ ان کان اڳ اطلاع ڏنو هو ته غزه ۾ اسرائيلي ??وجي ڪاررواين جي شروعات کان پوءِ ها?? تائين 63 فلسطيني صحافي ش??يد ٿي چڪا آهن.
غزه ۾ جاري جنگ ۾ هاڻ تائين 63 صحافي مارجي چڪا آهن: ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی