??ڏي?? قومون-19 سيپٽمبر (اي پي پي) ??ڏي?? قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) وڏي دهشتگرد تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان جي وڏن دشمنن جي سرپرستيءَ سان ملڪ ۾ دهشتگرد حملا ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ٽي ٽي پي جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ ??اء?? علائقائي ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان قومي سطح تي قدم کڻندو. ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته دنيا کي افغا??ست??ن ۾ ۽ افغا??ست??ن مان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي سنگين خطرن کان خبردار ڪندي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي ته ??ڏي?? قومن جي مانيٽرنگ ٽيم جي 34هين رپورٽ افغا??ست??ن مان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي پريشان ڪُن رُخ تي خاطرخواه روشني وڌي آهي. ٽي ٽي پي پاران علائقائي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي نشاندهي ڪندي پاڪستاني سفير چيو ته ٽي ٽي پي تيزيءَ سان هڪ اهڙي دهشتگرد گروهه طور اُڀري رهيو آهي جنهن جي سرپرستيءَ ۾ ٻيا گروهه شامل ٿي رهيا آهن. هن خبردار ڪيو ته القاعده سان ان جي ڊگهي وابستگي کي ??سندي ٽي ٽي پي کي القاعده جي علائقائي ۽ عالمي دهشتگردي جي مقصدن جي قيادت سنڀالڻ ۾ وڌيڪ وقت نه لڳندو. هن زور ڀريو ته ويجهڙ ۾ ٽي ٽي پي جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ جي باري ۾ هاڻ کان ئي فڪر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ٽي ٽي پي جي خطرن کي ختم ڪرڻ جي حواليس سان علائقائي ۽ عالمي ادارن جي تعاون سان قومي سطح تي قدم کڻندو. پاڪستاني سفير افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جي حمايت ??اء?? پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو افغا??ست??ن جي پاڙيسري ملڪن ۽ عالمي برادري جي سياسي شموليت کي هٿي ڏيڻ جي ??ڏي?? خواهشن جي ترجماني ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي پختو يقين آهي ته اهڙي شموليت افغا??ست??ن ۾ استحڪام ۽ حالتن جي معمول جي امڪانن کي بهتر بنائڻ ??اء?? انتهائي اهم آهي. هن عارضي حڪومت طرفان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارڙين خلاف جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افغا??ست??ن جي عارضي حڪومت نه صرف عورتن ۽ ٻارڙين بابت پنهنجن وعدن کان انڪار ڪيو آهي پر انهن جي آواز کي دٻائڻ جي مقصد سان نيون هدايتون جاري ڪري صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. منير اڪرم چيو ته پاڪستان انهن قدمن جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان افغان طالبان جي حڪومت سان تعميري رابطن ??اء?? پُرعزم آهيون پر اهو واضح ناهي ته کين پنهنجي ذميدارين کان بچڻ ??اء?? علائقائي ۽ عالمي حالتون متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجن. هن طالبان جي اقتدار سنڀالڻ جي 3 سالن کانپوءِ افغا??ست??ن ۾ جاري انساني بحران تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته 2 ڪروڙ 37 لک افغانين کي انساني امداد جي سخت ضرورت آهي ۽ پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريندي چيو آهي ته هو بنا ڪنهن شرط جي انهن جي مدد ڪري. هن چيو ته افغان هيومينيٽرين نيڊز اينڊ ريسپانس پلان جنهن لاءِ 3.06 ارب ڊالرن جي امداد گهربل آهي، جيڪو گهربل فنڊز جو 25 سيڪڙو کان به گهٽ وصول ٿيو آهي. اها ڳالهه ضروري آهي ته افغان عوام جي ڏُکيائين کي ??هٽ ڪرڻ ??اء?? فنڊنگ جي سمورن امڪاني ذريعن کي متحرڪ ڪيو وڃي. هن افغا??ست??ن جي معاشي بحاليءَ ??اء?? پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ افغان بئنڪاري نظام جي بحالي، ليڪوڊٽي بحران حل ڪرڻ ۽ افغا??ست??ن جا قومي ذخيرا بحال ڪرڻ ??اء?? ضروري حالتون پيدا ڪرڻ جي فوري ضرورت کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان افغا??ست??ن سان واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ??اء?? پُرعزم آهي ۽ علائقائي انفراسٽرڪچر ۽ ڪنيڪٽوٽي جي منصوبن کي لاڳو ڪرڻ ۾ مُک شراڪتدار آهي جنهن سان خطي ۾ اقتصادي استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ واڌ ٿيندي. پاڪستاني سفير اي آءِ جي تي زور ڀريو ته هو پنهنجي عالمي ذميدارين جي تعميل ڪري ۽ خبردار ڪيو ته اندروني، علائقائي ۽ عالمي عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ وارين پاليسين تي عمل کي روڪڻ ضروري آهي.
پاڪستان ٽي ٽي پي جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان قومي سطح تي قدم کڻندو: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا