گڏيل قومون-19 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي فلسطيني سرزمين تان اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي. ٺهراءَ جي حق ۾ 124 ووٽ مليا، 43 ملڪن راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو جڏهن ته اسرائيل، آمريڪا ۽ 12 ٻين ملڪن ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا، ج??رل اسيمبلي ۾ اهو ٺهراءَ فلسطين، پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ ڏکڻ آفريقا سميت ڪيترن ئي ملڪن طرفان پيش ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسرائيل کان 12 مهينن اندر والاريل فلسطيني علائقي ۾ پنهنجي غير قانوني موجودگي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ غير قانوني يهودي وسندين ۾ پيد?? ٿيل مصنوعات جي امپورٽ کي روڪڻ سان گڏوگڏ اسرائيل کي هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ ٻئي لاڳاپيل سامان جي فراهمي يا منتقلي کي روڪڻ لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن. ڄاڻايل ٺهراءُ فلسطين پاران اضافي حق ۽ مراعتون حاصل ڪرڻ کانپوءِ باضابطه طور تي پيش ڪيل پهريون ٺهراءُ آهي، ٺهراءَ تي راءِ شماري والاريل اوڀر بيت المقدس ۽ باقي والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل قدمن تي غور لاءِ گهرايل ج??رل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي اجلاس ۾ ٿي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران فلسطين جي سرزمين تان اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ