اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) ريلويز واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فيصل آباد ۾ جلسي کان ڀڄڻ جو اصل سبب لاه??ر شو ۾ پنجاب واسين جي عدم دلچسپي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻي خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري خرچ تي عم??ان جا اجلاس منعقد ڪيا ويندا، لڳي ٿو عم??ان خان جي اي ٽي ايم مشينن احتساب جي ڊپ کان هٿ ڪڍي ورتو آهي، خواجه سعد رفيق چيو ته پي ٽي آءِ ان ڳالهه جو جواب ڏئي ته اها هر ڀيري پنهنجن عورت ڪا??ڪن?? جي حفاظت ۾ ناڪام ڇو رهي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻ گهڻ ڳالهائو آهن ۽ گڏوگڏ هٿ چراند ڪندڙ به. عم??ان خان پنهنجو بدتميزي جو طوان مسلم ليگ(ن) تي ٿاڦڻ بدران عورتن جي بي حرمتي جي ذميوارن کي لگام ڏئي. هن چيو ته الزام ۽ ڪوڙ پي ٽي آءِ جو ٽريڊ مارڪ بڻجي چڪا آهن.اي پي پي/ن – ش 18:48
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2