اسان کي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايڊز سان منسوب بدنامي جي خاتمي جو وچن ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف


اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي اڄ جي ڏينهن ايڊز سان منسوب بدنامي جي خاتمي جو وچن ڪرڻ گهرجي. ايڊز جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻارن ۽ گهٽ عمر ماڻهن ۾ ايڊز جا وڌندڙ ڪيسز ڳڻتي جو سبب آهن. وزيراعظم صحت واري وزارت تي زور ڏنو ته هو ايڊز جي ٽيسٽنگ، ان جي خلاف آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ روڪڻ تي ڌيان ڏئي.

مضمون کا ماخذ : quina acumulada

متعلقہ مضامین