بيجنگ- 23 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته عالمي طور سائنسي ۽ فني چٽاڀيٽي کي منهن ڏيڻ ۽ اعليٰ سطح تي پاڻ ڀاڙڻ لاءِ بن??ادي تحقيق کي مض??وط بڻائڻ هڪ اهم ڳالهه آهي. چيني ميڊيا موجب اها ڳالهه هن سي پي سي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪئي جنهن ”بنيادي تحقيق کي مض??وط بڻائ??“ ??ي خصوصي موضوع تي هڪ گروپ مطالعو ڪيو. هن چيو ته چين جي نئين ترقياتي ڍانچي ۾ پاڻ ڀاڙڻ تي ٻڌل سائنسي ۽ فني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ ان ۾ بن??ادي تحقيق هڪ انتهائي اهم حصو آهي، چين بن??ادي تحقيق لاءِ اداره جاتي گارنٽي، سيڙپڪاري ۽ باصلاحيت ماڻهن جي تربيت کي مض??وط بڻائيندو. صدر شي جن پنگ چيو ته گڏيل ترقياتي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ انسانيت کي عالمي تعاون ۽ کليل سه??ار جي پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي، چين هڪ عالمي بن??ادي تحقيقي تعاون جو پليٽ فارم جوڙيندو، هڪ عالمي سائنسي تحقيقي فنڊ قائم ڪندو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو قومي منصوبو قائم ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، توانائي جي سلامتي، حياتياتي تحفظ ۽ آوٽرسپيس جي استعمال جهڙن عالمي مسئلن تي چين ۽ ٻين ملڪن جي گڏيل سائنسي تحقيق کي سگهه ڏيندو.
چين بنيادي تحقيق جي ميدان ۾ نون قدمن لاءِ پرعزم، فني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ