گڏيل قومون -24 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته سوڊان ۾ ڇڪتاڻ خ??م نه ڪئي وئي ته خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا. ترڪ خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ پريس ڪانفرنس ۾ سوڊان ۾ جهيڙن جي علائقائي اثرن جو جائزو و??ندي چيو ته خطو پهرين ئي نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي. ڌرين کي عوام جي مفادن کي ترجيح ڏيندي تڪرار ختم ڪرڻ گهرجن. هن خبردار ڪيو ته سوڊان ۾ ڇڪتاڻ اولهه سوڊان، چاڊ ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي صورتحال کي متاثر ڪري سگه?? ٿي، جيڪڏهن سوڊان ۾ جهڙپن جو حل نه ڪڍيو و??و ته نه رڳو سوڊان پر پوري خطي کي متاثر ڪري سگه?? ٿي. هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني همدردي جي ڪارڪنن ٿوري وقت ۾ جنگ بندي تي اتفاق کان پوءِ 40 لک ماڻهن تائين امداد جون تقريبن 168 ٽرڪو?? پهچايون. تنهن هوندي به موجوده صورتحال هاڻي به مڪمل طور تي انساني بنيادن تي ڪارروائيون ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني. هن چيو ته گڏيل قومون مختصر وقت جي جنگبندي جي نگراني ۾ ڪو به باضابطه ڪردار ادا ناهي ڪيو، پر اسٽريٽجڪ ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪئي آهي.
سوڊان ۾ ڇڪتاڻ ختم نه ڪئي وئي ته خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم