گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه ۾ جنگ بند ڪرائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته اسرائيل غزه کي تقريبن مڪمل طورتي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو علائقو هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ سازگ??ر ناهي رهيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن 193 رڪني جنرل اسيمبلي کي ٻڌايو ته غزه ۾ اسرائيل اهڙو ظلم جاري نٿو رکي سگهي . فلسطينين سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جي سمو??ي دنيا ذميوار آهي . هن غزه مان هڪ جامع ۽ مستقل جنگ بندي، اولهه ڪناري ۽ اوڀر بيت المقدس ۾ اسرا??يل?? شهرين جي حملن جي خاتمي، غزه ۾ انساني امداد جي فراهمي ۽ اسرا??يل?? فوج جي واپسي جو مطالبو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی